19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: جهڏو: علاج  دوران غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي خلاف متاثر عورت جو احتجاج

Jhudo: A protest against a woman who is suffering from a cure dysfunctional womanجهڏي ۾ ٻار پيٽ ۾ فوت تي ڊاڪٽرياڻي جي ڪوتاهي خلاف متاثر عورت ۽ وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو متاثر عورت نسيم لغاري ۽ سندس وارثن علاج ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ڪيو.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي متاثر عورت چيو ته هوءَ صحت مرڪز ۾هيلٿ ورڪر طور ڪم ڪري ٿي، جتي انچارج ليڊي ڊاڪٽر پدما سندس علاج دوران ڪوتاهي ڪئي، جنهن سبب سندس ٻار پيٽ ۾ ئي فوت ٿي ويو.

هن چيو ته ڊاڪٽرياڻي کيس مشورو ڏنو ته ٻار نارمل آهي، تنهن ڪري خطري جي ڪابه ڳالهه ناهي، جنهن بعد ڊاڪٽرياڻي هلي وئي.

سندس چوڻ هو ته هن چيو ته طبيعت خراب ٿيڻ بعد خانگي اسپتال ۾ علاج ڪرايو، جتي  ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس حالت به تمام خراب ٿي وئي آهي.

متاثر عورت ۽ سندس وارثن صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪن……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے