21 جمعو , سيپٽمبر 2018

موسمياتي اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ 54 ارب ڊالر جي ضرورت آهي: مشاهد الله خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مشاهد الله خان چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ ۽ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ساليانو 54 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، جڏهن ته رڳو سي پيڪ رٿا جي ڪل ماليات 36 ارب ڊالر آهي. بي بي سي کي هڪ انٽرويو ۾ مشاهد الله خان چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي نوعيت جو مسئلو آهي، پاڪستان جهڙي ملڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ امير ملڪن جي مالي مدد گهربل آهي جيڪي پاڻ ڪاربن خارج ڪرڻ جا ذميوار آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي وزارت چين کان زمين هيٺ پاڻي جا ٽئنڪ ٺاهڻ جي منصوبي لاءِ شروعات ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ان ٽيڪنيڪ تحت ٻوڏ جي پاڻي کي محفوظ ڪري وقت تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان اهڙن ڪجهه ملڪن مان آهي جن موسمياتي تبديلي لاءِ الڳ وزارت ٺاهي آهي ۽ وفاقي بجيٽ ۾ 8 سيڪڙو مخصوص ڪرڻ به وڏي ڳالهه آهي. مشاهد الله خان چيو ته وزيراعظم جي گرين پاڪستان پروگرام تحت هڪ ارب 22 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا جڏهن ته اسلام آباد ۾ گهر گهر وڻڪاري پروگرام تحت شاگردن کان وڻ لڳرايا ويا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪي پي ۾ هڪ ارب 22 ڪروڙ وڻ لڳن ها ته پشاور ۾ هن وقت برفباري ٿي ها، جنهن تي مان تحريڪ انصاف کي سلام ڪيان ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے