23 آچر , سيپٽمبر 2018

روزي  جي حالت ۾ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ اپاءَ

Horse Stroke Protection Aviationڪراچي(ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سخت گرمين جو سلسلو جاري آهي، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌيڪ جڏهن ته ڪراچي ۾ هيٽ ويو جي نئون سلسلو جاري آهي. سخت گرميءَ ۾ روزي جي حالت ۾ شهري لوءِ لڳڻ هيٽ ويو اسٽروڪ ۽ پاڻيءَ  جي کوٽ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ شهرين لاءِ اسپتالن ۽ اهم شاهراهن تي ڇانو وارن هنڌن تي پاڻي جا ڪيمپ پڻ هنيا ويا آهن، جڏهن ته صحت واري کاتي طرفان هيٽ ويو کان بچڻ لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيو ويو آهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته زوريدار سحر توڙي افطار ۾ خوراڪ جو خاص خيال رکن ۽ ضروري ڪم کان سواءِ گهر کان ٻاهر نه نڪرن.

احتياطي اپاءَ

* گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت مٿي توڙي ڪنڌ تي پُسيل ڪپڙو رکڻ گهرجي

*هلڪي رنگ وارا ڪپڙا پائڻ گهرجن

* جيترو ممڪن ٿي سگهي گوڙ کان پري ۽ ڇانو وري هنڌ تي رهو

* سج کان بچڻ لاءِ ڇٽيءَ جو استعمال ضرور ڪريو

* جيڪڏهن لاڳيتو اُس ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون وقفي وقفي سان جسم تي پاڻي وجهندا رهو پر ائين جئين روزو مڪره نه ٿئي.

* سحري ۽ افطاري ۾ ٿڌي خوراڪ جو استعمال ڪريو

* سحري ۾ چانهه جي جاءِ تي شربت ۽ کجور جو استعمال وڌيڪ ڪريو

* افطاري ۾ تريل شئين کان پرهيز ڪريو، ڏهي ۽ ٿڌا ميوه واپرايو

* جسم جو ٿڌ وارو نظام درست رکڻ لاءِ سحري تائين وقفي وقفي سان پاڻي پيئندا رهو ته جيئن سڄو ڏينهن جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو خدشو پيدا نه ٿئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے