22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نمبر ون ٽيسٽ بالر بڻجڻ هدف آهي: محمد عباس

لنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اُڀرندڙ فاسٽ بالر محمد عباس آءِ سي سي رينڪنگ ۾ نمبر ون بالر بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.  فاسٽ بالر محمد عباس لارڊز ٽيسٽ ۾ 64 رنسن عوض 8 شڪار ڪيا هئا ۽ ميچ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ حاصل ڪيو هو. هو وسيم اڪرم ۽ وقار يونس بعد لارڊز ۾ اهڙو اعزاز حاصل ڪندڙ پاڪستان جو ٽيون بالر آهي، اهو ئي نه پر اهڙي ڪارڪردگي بعد 28 ورهين جي  فاسٽ بالر آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ترقي ماڻي 20 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. محمد عباس کان هڪ درجو مٿي 18 پوزيشن تي ياسر شاهه موجود آهي جيڪو ان فٽ هئڻ سبب قومي ٽيم سان گڏ انگلينڊ جي دوري ته ناهي آيو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي محمد عباس پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڻ کي آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ نمبر ون بالر طور ڏسڻ چاهي ٿو . هن چيو ته گذريل سال جڏهن هن ويسٽ انڊيز ۾ ٽيسٽ ڊبيو ڪيو، ته سريز جي پڄاڻي تي هو 64 هين پوزيشن تي موجود هو، پر ڊبلن ۾ آئرلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي  رينڪنگ ۾ سندس نمبر 29 تائين پهچايو هو جيڪو هاڻ وڌيڪ بهتري سان 20  نمبر تي پهتو آهي. محمد عباس چيو ته کيس پنهنجي ڪيريئر ۾ پاڻ کي بهترين بالر ثابت ڪرڻ جو موقعو ڪرڪيٽ جي گهر لارڊز ۾ مليو. قومي ڪرڪيت ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر 7 ٽيسٽ ميچن هن وقت تائين 40 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪي شروعاتي ستن ٽيسٽ ميچن دوران سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پاڪستاني بالرن طرفان نئون رڪارڊ پڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے