20 خميس , سيپٽمبر 2018

حديبيا پيپر ملز ۽ التوفيق ٺاهه بابت ڪابه ڄاڻ ناهي: ڪيپٽن صفدر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته  حديبيا پيپر ملز ۽ التوفيق ٺاهه بابت ذاتي ڄاڻ نه آهي، مارگيج ڊيڊ سان به ڪو تعلق ناهي. احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائيندي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر چيو ته رابرٽ ريڊ لي چئي چڪو آهي ته فوٽو ڪاپي سان درست فارنزڪ معائنو ممڪن ناهي، ٽرسٽ ڊيڊ مريم نواز سامهون جي آءِ ٽي سيل نه ڪئي، جڏهن ته مريم نواز کي ٽرسٽي بڻايو ويو ته مان شاهد طور صحيح ڪئي. هن چيو ته اسٽيفن مورلي جي شاهدي قبولڻ جوڳي شهادت ناهي، ڪومبر ڊڪليئريشن تي شاهد طور صحيح ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهيان. سندس چوڻ هو ته مارگيج ڊيڊ سان ڪو به تعلق ناهي،  اهو سوال منهنجي حوالي سان ناهي. ڪيپٽن صفدر  جي وڪيل چيو ته 8 سوالن جا جواب ٿي ويا، باقي سڀاڻي ڏينداسين. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته واجد ضياءَ کي سڀاڻي طلب نه ڪيو، ڪيپٽن صفدر جو بيان ئي مڪمل ٿي سگهندو. احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے