23 آچر , سيپٽمبر 2018

اداڪارا مهوش حيات جي ننڍپڻ جي تصوير وائرل، مداح حيران

mehwish hayat wires Viral, Wonders of Life's lifeلاهور(شوبز نيوز) فلمي ستار پنهنجي مداحن سان سوشل ميڊيا تي اڪثر پنهنجي ٻالڪپڻ جو ياديون شيئر ڪندا رهندا آهن، اهڙي ئي هڪ ياد پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات پڻ پنهنجن مداحن سان شيئر ڪئي، سندس ٻاروتڻ واري تصوير منظر عام تي اچڻ بعد سندس مداح حيراني ۾وٺجي ويا. مهوش حيات انسٽاگرام تي پنهنجي ننڍپڻ جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو سمنڊ ڪناري رجسٿاني ويس پهري بيٺي آهي. مهوش حيات تصوير سان گڏوگڏ لکيو ته هي ان وقت جي تصوير آهي جڏهن 6 ورهين جي هئي، ۽ هن پهريون ڀيرو چينوگم جي اشتهار لاءِ ڪم ڪيو هو. اداڪارا چيو ته هي حياتي جو اهو لمحو هو جتان کان اڳتي جو سفر شروع ڪيم،  جنهن جي  باري ۾ ٿورو گهڻو ڄاڻيندي هئس. مهوش حيات جي ننڍپڻ واري تصوير سندس مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪجهه مداحن لکيو آهي ته مهوش حيات کي سڃاڻڻ ممڪن ناهي. ياد رهي ته مهوش حيات ويجهڙائي ۾ فلم”لوڊ ويڊنگ“ جي شوٽنگ مڪمل ڪرائي آهي، جنهن هو هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪار فهد مصطفيٰ سان گڏ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي فلم ”لوڊ ويڊنگ“ عيدالضحيٰ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے