19 اربع , سيپٽمبر 2018

شهباز شريف لاهور ويسٽ مئنيجمينٽ جي ايم ڊي کي برطرف ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ايم ڊي لاهور ويسٽ مئنيجمينٽ کي برطرف ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بلال مصطفيٰ پرڏيهه ڀڄي ويو آهي.  پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ميڊيا تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ ايم ڊي لاهور ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.  پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف بلال مصطفيٰ کي برطرف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. برطرفي جي منظوري کانپوءِ ايم ڊي بلال مصطفيٰ پرڏيهه مان استعيفيٰ موڪلي ڇڏي آهي.بي ضابطگين ۽ ڪرپشن سامهون اچڻ بعد بلال مصطفيٰ پرڏيهه ڀڄي ويو آهي. لوڪل گورنمينٽ موجب بلال مصطفيٰ بنا ٻڌائڻ ملڪ مان ڀڄي ويو آهي جنهن تي ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته لاهور ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني ۾ بي ضابطگين ۽ ڪرپشن جي جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار کي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي سربراهي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے