18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب ۾ جنسي هراسان وارن واقعن جي  روڪٿام لاءِ قانون منظور

Approved the law for sexual abuse in Saudi Arabiaرياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي مجلس شوريٰ عورتن سان پيش ايندڙ جنسي هراسان وارن واقعن جي روڪٿام بابت قانون منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي گهرو وزارت شاهي فرمان جي روشني ۾ جنسي هراسان ڪرڻ وارن واقعن خلاف قانون جو مسودو تيار ڪيو هو، 8 شقن تي ٻڌل قانون جو مقصد جنسي طور هيسائڻ جي واقعن جي روڪٿام. شخصي آزادي کي يقيني بڻائڻ، هيسائڻ ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ۽ ان ڏوهه جو نشانو بڻجندڙن ماڻهن کي تحفط مُهيا ڪرڻ آهي. قانون موجب جنسي طور هراسان جو شڪار ٿيل ماڻهن ۽ ان جي نشاندگي ڪندڙ جي سڃاڻپ کي ڳجهو رکيو ويندو. جنسي طور هيسائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڏوهاري کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ورهيه قيد ۽ هڪ لک ريال ڏنڊ يا ٻنهي مان ڪا به هڪ سزا ڏني ويندي. واقعي جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي سزا وڌ کان وڏ 5 ورهيه جڏهن ته ڏنڊ جي رقم 3 لک ريال تائين وڌائي سگهجي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے