18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اڀيشيڪ بچن کي ايشوريا جي  تيار ڪيل ڊش نه وڻي

The evangelistic children did not get the design made by Ashishiyaممبئي(شوبز نيوز) اڳوڻي سونهن راڻي ۽ باليووڊ جي مشهور ادڪارا  ايشويا راءِ بچن جي خوبصورتيءَ  ۾ ته ڪو به سندس مٽ ناهي پر رڌڻي ۾ هو مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي وئي آهي ۽ سندس مڙس اداڪار اڀيشيڪ بچن کي هن جو تيار ڪيل گوبي ٽپ نه وڻي. اداڪارا ايشوريا راءِ بچن جنهن حسن جي مقابلي ۾ ته وڏن وڏن نالن کي شڪست ڏني ۽ باليووڊ جي ڪيترن ئي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ پڻ شاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، پر اداڪارا رڌڻي ۾ بلڪل ناڪام ثابت ٿي آهي ۽ سندس مڙس اڀيشيڪ بچن هن کي کاڌي تيار ڪرڻ جي حوالي سان” زيرو“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  اڀيشيڪ بچن سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي ٽوئٽ ڪندي لکيو ته گوبي جي سبزي کي انسان پاڻ ئي ٺاهيو آهي، ان بعد اڀيشيڪ بچن هڪ ٻيو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته آخر ڪير ائين ڇو ڪندو  ۽ ڇا ڪير گوبي کي پسند ڪندو آهي؟ اڀيشيڪ بچن ڪجهه دير بعد ٽوئيٽر تي گوبي جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن نه رڳو ناپسندگي جو اظهار ڪيو پر طنز واري انداز ۾ چيو ته هي ڊش سندس گهرواريءَ  تيار ڪئي آهي، اڀيشيڪ بچن جي اهڙي پوسٽ واضح ڪري ڇڏيو ته کيس ايشوريا راءِ جو تيار ڪيل کاڌو صفا نه وڻيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

It has come to time that all the powers of the world should be given to women: Nawazuddin Siddiqui

وقت اچي ويو آهي ته دنيا جا سمورا اختيار عورتن حوالي ڪيا وڃن: نواز الدين صديقي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته دنيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے