23 آچر , سيپٽمبر 2018

فڪسنگ اسڪينڊل: انگلش ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽرن جا نالا آءِ سي سيءَ حوالي

Fixing Scale: English and Australian Chronicles names ICC referenceدبئي(اسپورٽس نيوز) قطري ٽي وي چينل مبينا طور تي فڪسنگ ۾ ملوث انگلش ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽرن جا نالا آءِ سي سي کي ڏئي ڇڏيا. قطر جي مشهور ٽي وي چينل طرفان ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان 54 منٽن تي ٻڌل ڊاڪيومينٽري فلم گذريل ڏينهن نشر ڪئي وئي جنهن جو نالو”ڪرڪيٽ جا ميچ فڪسر“ رکيو ويو آهي، ان ڊاڪيومينٽري بابت ڪيتريون ئي شئيون اڳ ۾ ئي منظر عام تي اچي چڪيون هيون.  هن ۾ چينل طرفان هڪ رپورٽر هيري سن جي نالي سان برطانوي واپاري جي روپ اختيار ڪري اسٽنگ آپريشن ڪيو، ان دوران هن جي مخلتف ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون جنهن کي هو ڳجهي ڪيمرا ۾ رڪارڊ ڪندو رهيو، ان آپريشن ۾ گڏيل طور تي چار ميچن جي فڪس هئڻ جو انڪشاف ڪيو ويو جنهن ۾ ٻه سريلنڪا ۽ ٻه ڀارت ۾ کيڏيا ويا هئا،  گال ۾ آسٽريليا ۽ ڀارت جي ميزبان سريلنڪا سان گڏ پچ فڪسنگ جو اانڪشاف ڪيو ويو، جڏهن ته انگلينڊ جي چنائي ۽ آسٽريليا جي رانچي ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ کي ٻنهي مهمان ملڪن جي پنجن رانديگرن جي طرفان اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، انهن مان ٽن جو واسطو انگلينڊ ۽ ٻن آسٽريليا سان آهي. جيئن ته ڊاڪيومينٽري ۾ انهن رانديگرن جا نالا نشر ناهن ڪيا ويا پر چينل جو چوڻ آهي ته انهن پنج ئي نالا ڪرڪيٽ جي عالمي اداري (آءِ سي سي) کي ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن ان حوالي سان جاچ جي شروعات پڻ ڪري ڇڏي آهي. جيئن ته ان ۾ ڀارت جي ڪنهن ۾ عالمي رانديگر جو نالو سامهون ناهي آيو پر ممبئي طرفان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندڙ ڪرڪيٽر روبن مورس فڪسنگ حڪمت عملي تي تمام گهڻي روشني وڌي آهي، هن ته اهو پڻ پيشڪش ڪئي ته دبئي ۾ ئي هڪ چئن ٽيمن جو ٽي 20 ايونٽ ڪرائي سگهجي ٿو، جنهن جو واحد مقصد فڪسنگ ۽ ان ذريعي ڪمايل دولت هوندو، هن دعويءِ ڪيو ته هن وٽ 30 رانديگرن جو پول موجود آهي جيڪي پلان موجب کيڏندا آهن. هن ڊاڪيومينٽري ۾ ڀارت جي سٽي باز مافيه سان واسطو رکندڙ انيل منور کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته سندس رانديگر ميچ واري ڏينهن حڪمت عملي تيار ڪندا آهن ۽ اسپاٽ فڪسنگ لاءِ پلان تي عملدرآمد ڪرڻ کان اڳ مخصوص اشارا مقرر ڪيا ويندا آهن. هن ڳجهي رپورٽر چيو آهي ته توهان کي پورو اسڪرپٽ ڏيندس ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ هوند بلڪل اهو ئي ميدان ۾ پڻ هوند، اهڙي ڊاڪيومينٽري ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪئين 23 لک رپين عوض گال ۾ پنهنجي مطلب جون پچون تيار ڪيون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے