20 خميس , سيپٽمبر 2018

پ پ کي تلوار چونڊ نشان الاٽ، مسلم ليگ ن شينهن ۽ ق ليگ ٽريڪٽر جي نشان تي چونڊ وڙهندي

The general election schedule is likely to go today

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن بنا اعتراض وارين 77 سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان ايندڙ عام چونڊن لاءِ سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽمينٽ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ بنا اعتراض وارين 77 سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان تحريڪ انصاف کي بيٽ، مسلم ليگ ن کي شينهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي لغڙ، متحده مجلس عمل کي ڪتاب، اي اين پي کي لالٽين، پاڪستان عوام ليگ کي انساني هٿ، متحده قبائلي پارٽي کي پڳ، پاڪستان تحريڪ انسانيت کي ڪنگي، پاڪستان عوامي ليگ کي هاڪي، پاڪستنا متحده علماءَ مشائخ ڪائونسل کي ڏاند، جڏهن ته عوامي مسلم ليگ کي مس ڪپڙي جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪسان اتحاد کي هر، مسلم ليگ ق کي ٽريڪٽر، پ پ پارليامينٽرينز کي تير، پاڪستان پيپلز پارٽي کي تلوار ۽ پيپلز ورڪرز پارٽي کي وڪٽري چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے