26 اربع , سيپٽمبر 2018

نقيب الله محسود جي والد طرفان رائو انوار کي جيل منتقل ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل

Naqibullah murder case verdicts to be applied on the next hearing in the caseڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نقيب الله محسود جي والد اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار کي سب جيل ۾ قيد رکڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي. پنهنجي درخواست ۾نقيب الله محسود جي والد موقف اختيار ڪيو آهي ته رائو انوار کي گهر ۾ سب جيل بڻائي رکڻ غير قانوني آهي. محمد خان محسود رائو انوار کي سبل جيل ۾ رکڻ جي قدم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته اڳوڻي ايس ايس پي کي جيل منتقل ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد خان چيو ته مان نقيب کي نه وساري سگهان ٿو ۽ نه وري سندس خون جو سودو ڪري سگهان ٿو، جيڪڏهن رائو انوار طاقتور آهي ته مان به پورهيت آهيان. گرينڊ جرڳي جي اڳواڻ سيف الرحمان چيو ته سنڌ سرڪار رائو انوار جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے