26 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ سج نيزي پانڌ لهي آيو، پد 45 تائين وڃڻ جا امڪان

Congratulations on the integration of tribal elders especially the younger generation by Army Chiefڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي اڄ به سج باهه وسائي رهيو آهي ۽ شهري  هلندڙ سال جي چوٿين هيٽ ويو سان مقابلو ڪري رهيو آهي، شهر ۾ سامونڊي هوائن بيهڻ ڪري گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جا امڪان آهن. موسميات واري کاتي خبردار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ سخت گرمي واري صورتحال خميس تائين برقرار رهي سگهي ٿي. موسميات واري کاتي موجب اڄوڪو ڏينهن سخت گرم ۽ خشڪ رهندو ۽ ڏينهن جو گهم جو سيڪڙو 15 کان 20 سيڪڙو تائين رهڻ جا امڪان آهن، جڏهن شهر جي اتر ۽ اتر اولهه واري پاسي کان هوا لڳندي.  ان کان اڳ هلندڙ مهيني 18 مئي تي پڻ موسميات واري کاتي ايندڙ 6 ڏينهن لاءِ ڪراچي ۾ هيٽ ويو ايڊوائزري جاري ڪئي هئي، ان عرصي ۾ سامونڊي هوائون بيهڻ ڪري ڪراچي جي رهواسين کي سخت گرميءَ  کي منهن ڏيڻو پيو ۽ سج باهه وسائيندو رهيو.  ماهر  ۽ ڊاڪٽرن چيو آهي ته هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي شهري پنهنجو بچاءُ ڪن ۽ بنا ڪنهن ڪم ڪار جي گهر کان ٻاهر نه نڪرن. جيڪڏهن ڪم ضروري آهي ته مٿي تي ڪپڙو رکي نڪرن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے