19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف کي سبق سيکارڻ لاءِ مون تي ڪيس ۾ گهليو ويو: مريم نواز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي سبق سيکارڻ لاءِ مون کي ڪيسن ۾ گهليو ويو، مون کي ريفرنس ۾ ڦاسائڻ جو مقصد منهنجي والد جي اعصاب تي دٻاءُ وجهڻ آهي. پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف ووٽ کي عزت ڏيارڻ لاءِ جهاد تي نڪتو آهي ۽ ان جهاد ۾ ساڻس گڏ بيٺل آهيان. هن چيو ته منصوبا ٺاهيندڙ ياد رکن ته نواز شريف جي نياڻي سندس ڪمزوري ناهي پر طاقت آهي ۽ مان پنهنجي والد جي موقف سان گڏ بيٺل آهيان. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي والد جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏيندس ۽ نه وري غيرتمند پاڪستانين جو. مريم نواز چيو ته نواز شريف جا گهڻا ڏوهه ۽ گناهه هوندا پر هن ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو، جديد ترين انفراسٽرڪچر ڏنو ۽ ملڪ ۾ جديد شاهراهن ۽ موٽرويز جو ڄار وڇايو. هن چيو ته نواز شريف بلوچستان کي بدامني مان ڪڍي امن ۽ سڪون ڏنو، ڪراچي جون رونقون بحال ڪيون، ڏيوالو ٿيندڙ معيشت کي بحال ڪيو، نوجوانن ۽ بيروزگارن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ۽ 19 ورهين کانپوءِ آدمشماري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف 70 ورهين کانپوءِ فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو،  ملڪ جون اونداهيون ختم ڪيون، بجلي جي پيداوار ۾ 10 هزار ميگا واٽ جو اضافو ڪيو، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ۽ سي پيڪ جي شڪل ۾ پاڪستان کي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڏني. مريم نواز چيو ته مون تي ڪيس اهڙي مائينڊ سيٽ جو آهي جيڪو چوي ٿو ته توهان کي سبق سيکارينداسين، هي اهو ئي مائينڊ سيٽ آهي جيڪو چونڊيل وزيراعظم کي ڌمڪيون ڏيندو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ منهنجو ڪٿي ذڪر نه هو، مون کي خبر آهي ته مون تي ڪيس ڇو داخل ٿيو، خبر آهي ته 70 کان وڌيڪ پيشيون ڇو ڀوڳي چڪي آهيان، خبر آهي ته ڪينسر ۾ مبتلا ماءُ کان مون کي ڇو پري رکيو ويو آهي، نواز شريف هر جبر اڳيان سينو تاڻي بيهندڙ انسان آهي، هن عالمي دٻاءَ باوجود ائٽمي ڌماڪا ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے