19 اربع , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف پاران قبائلين خاص طور نوجوان نسل کي فاٽا جي انضمام تي مبارڪون

Congratulations on the integration of tribal elders especially the younger generation by Army Chiefراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه وفاقي انتظام هيٺ رهندڙ اڳوڻي قبائلي علائقن(فاٽا) جي بهادر قبائلين خاص طور نوجوان نسل کي فاٽا جي ڪي پي ۾ ضم ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب اڳوڻي فاٽا جي نوجوانن(يوٿ جرڳه )  آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب يوٿ جرڳه سان ملاقات جي موقعي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فاٽا جي انضمام سان علائقي ۾ معاشي توڙي سماجي ترقي ٿيندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ايندو.آرمي چيف فاٽا انضمام سان لاڳاپيل نوجوانن نسل جي جذبن جي ساراهه ڪندي چيو ته رياست دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي. آرمي چيف چيو ته دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خاتمي ۾ نوجوان نسل جو اهم ڪردار  آهي، نوجوان پُرامن مقصد حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين. جهموري ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺن. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته امن لاءِ تمام وڏي جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن، حاصل ڪيل امن کي ڪنهن به صورت ۾ ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. آرمي چيف نوجوانن کي مشورو ڏيندو چيو ته هو دشمن قوتن کان خبردار رهن، هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نوجوانن جي حمايت ۽ حوصلي جي ساراهه ڪئي جڏهن ته مستبقل بابت نوجوانن جي خيالن جي تعريف ڪئي. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته بهادر قبائيلن جي قربانين سان حاصل ٿيل ڪاميابين جو کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، پاڪستان استحڪام ۽ پائيدار امن جي راهه تي هلي رهيو آهي. آرمي چيف چيو ته فاٽا يوٿ جرڳه کي افغان قيادت سان ملاقاتن تي پڻ اعتماد ۾ ورتو ۽ چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، هو ملڪي امن ۽ ترقي ۾ پنهنجي ڪردار کي جاري رکن. آءِ ايس پي آر موجب فاٽا يوٿ جرگه ان موقعي ته ان جي بحالي ۽ مضبوطي لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. جرڳي علائقي ۾ سماجي اقتصادي ترقي لاءِ پڻ پاڪ فوج جي ڪوشش جي ساراهه ڪئي جڏهن جرڳي فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ آرمي چيف جي دلچسپي جي پڻ تعريف ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے