22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق

حڪومت ۽ مخالف ڌر، نگران وزيراعظم لاءِ جسٽس رٽائر ناصرالملڪ جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جنهن جو اعلان ڪالهه وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه اسلام آباد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پريس ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب به موجود هئي.

جسٽس رٽائر ناصرالملڪ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي تي به ذميواريون نڀائي چڪو آهي ته عارضي طور نيب چيئرمين جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.

نگران وزيراعظم لاءِ پنج ڇهه نالا غور هيٺ هئا، جن مان ڪنهن هڪ تي اتفاق لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ ڳالهين جا ڪيئي دور ٿي چڪا هئا پر تنهن هوندي به نالي تي ڊيڊ لاڪ برقرار هو ۽ خيال اهو ٿي ظاهر ڪيو ويو ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو، جتي به جيڪڏهن ڪو فيصلو نه ٿيو ته پوءِ نالا اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليا ويندا. جنهن جو صوابديد هوندو ته ڪنهن جو نالو ٿي طئي ڪري پر اهڙي نوبت اچڻ کان اڳ جمهوري نموني وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ متفقه نگران وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪري هڪ نئين جمهوري روايت قائم ڪئي آهي. جيڪا يقيني طور ملڪ اندر جمهوريت جي مضبوطيءَ ڏانهن اهم وک آهي.

پاڪستان جي عوام کي اهڙيون شيون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، جيڪي گذريل ستر سالن ۾ سندن نصيب ناهن رهيون، مثال طور هي ٻيو ڀيرو آهي جو چونڊيل حڪومتون پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري نئين اليڪشن ڏانهن وڌي رهيون آهن، نه رڳو ايترو پر آئيني واٽ تي هلندي آئين ۾ ڏسيل طريقيڪار تحت وفاق توڙي صوبن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر يعني وفاق ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ صوبن ۾ وري وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ گڏيل صلاح مشوري سان نگران وڏن وزيرن جا نالا به طئي ڪري رهيا آهن. جيڪو عمل به جمهوري نظام کي ويتر مضبوط ڪري رهيو آهي.

وفاق ۽ صوبن ۾ چونڊيل اسيمبلين جو آئيني مدو پورو ٿيڻ بعد اتي نگران سيٽ اپ آڻڻ لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ آهن، ملڪي قومي ڌارا جون جيڪي اهم سياسي جماعتون آهن سي ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڪٿي نه ڪٿي اقتدار ۾ به شريڪ آهن، ڪي وفاق ۾ ته ڪي صوبن ۾ ۽ ڪي وري مڪاني ادارن ۾ حڪومتن ۾ آهن، چونڊ شيڊول اچڻ کان پوءِ کين ٻه مهينا هوندا ته اهي ووٽرن وٽ وڃن، پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪن، ايئن چونڊيل نمائندا به جيڪي چونڊجي اچڻ ۽ سالن جا سال اقتدار ۾ هوندي به عوام سان رابطي ۾ رهيا هوندا، ڪجهه ڊليور ڪيو هوندو، عوام کي سندن چانئٺ تي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ ۾ڪو ڪردار ادا ڪيو هوندو ته يقيني طور کين پنهنجي تڪ جي ماڻهن کان سٺي ۽ مثبت موٽ ملڻ جي اميد هوندي پر جن کان چونڊجڻ کان پوءِ پنهنجي تڪ جا ماڻهو ئي وسري ويا هوندا، تن سان لازمي آهي ته عوام هڪ هڪاڻي ضرور ڪندو، ڇو جو هي دور نياپي تي يا ڪمدار موڪلي ووٽ وٺڻ جو دور نه پر هي سوشل ميڊيا ۽ سجاڳي جو دور آهي، جنهن ۾ عوام جيڪي ڪجهه ملڪ اندر وهي واپري رهيو آهي تنهن جي پل پل کان واقف آهي، مطلب ته عوام ئي بهتر جج آهي ۽ سياستدانن، سولين ۽ چونڊيل نمائندن جي احتساب جو اثرائتو ذريعو چونڊن کان سواءِ ٻيو ڪو ٿي ئي نه ٿو سگهي.

جيتريقدر جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ جي نگران وزيراعظم طور نامزدگيءَ جو سوال آهي ته سندس شخصيت تي آڱر کڻڻ بدران حڪومت توڙي مخالف ڌر جي سڀني جماعتن مٿس جيڪو اعتماد ڏيکاريو آهي، تنهن اعتبار تي پورو لهڻ هن لاءِ سڀ کان وڏي چيلينج هوندي. هو هڪ فرد، هڪ جماعت، هڪ صوبي نه پر سڄي ملڪ جو وزيراعظم ٿي رهيو آهي. کيس سموري ملڪ کي ۽ سمورين جماعتن کي هڪ نظر سان ڏسڻو پوندو، نه رڳو ايترو پر هو جيئن ته قانون ۽ آئين جي شعبي ۾ مهارت به رکي ٿو، ملڪ جي پيچيدگين کان به چڱي ريت واقف آهي، تنهن ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن جي صاف، شفاف ۽ آزاد هئڻ کي يقيني بڻائيندو.

لاڳيتي ٽين اليڪشن جو عمل ملڪ اندر جي پرامن نموني توڙ تي پهچي ٿو ته ان کان وڌيڪ ملڪ لاءِ ۽ جمهوريت لاءِ ڪو سٺو سنوڻ ٿي ئي نه ٿو سگهي.

اڱارو 29 مئي 2018ع، 13 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے