20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٺٽو: ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن لاءِ پٺا اُگهاڙا ڪري انوکو احتجاج

Thatta: Municipal Committees employed pioneers for protesters to protest their protest* ٺٽي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن ٽن مهينن کان پگهارون  نه ملڻ خلاف نَٽهڻ اُس ۾پٺا اُگهاڙا ڪري انوکو احتجاج ڪيو.

ملازمن  فيض محمد هيلايو، محمد عمر، نظير علي ۽ اڪبر جاکرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي سي ايم او بنا جواز سندن پگهارون روڪي سراسر ناانصافي ڪئي آهي.

سندن چوڻ هو ته 3 مهينن کان لڳاتار پگهارون نه ملڻ خلاف گهرن ۾ ٻچا بکو ڪاٽي رهيا آهن.

هنن چيو ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته سي ايم او جي ڏاڍاين خلاف مڪاني کاتي جي اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي آهي ان باوجود به ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته سي ايم او کي هٽائي رهيل پگهارون ڏياري پريشانين کي گهٽايو وڃي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے