21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فلم ”سليوٽ“ ۾ ڪير ادا ڪندي ڪنگ خان سان مُک ڪردار، ايشوريا ۽ دپيڪا ۾ مقابلو

Who created the movie "salute", King Khan heroin, the competition in Asia and Picaممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان تمام جلد پنهنجي نئين فلم”سليوٽ“ جي شوٽنگ شروع ڪرائيندو ، جنهن ۾ هن سان گڏ مرڪزي ڪردار لاءِ  انڊسٽري جي ٽاپ اداڪارائن جا نالا سامهون آيا آهن. فلم”سليوٽ“ ۾ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ ايشوريا راءِ بچن ۽ دپيڪا پڊڪون کي نالا سامهون آيا آهن.  فلم سان لاڳاپيل ذريعن چيو آهي ته هدايتڪار ڊگهي عرصي کان اداڪارا جي ڳولها ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ دپيڪا پڊڪون مان ڪنهن هڪ جي نالي جي چونڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته فلم جو هدايتڪار مهيش ميٿائي تمام جلد فلم جي حتمي ڪاسٽ جو اعلان ڪندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شاهه رخ خان کان اڳ باليووڊ مسٽر پروفيڪٽسنسٽ عامر خان کي ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جي آفر ڪئي وئي هئي، پر ان پورڊيوسر کي صلاح ڏني هو ان فلم لاءِ شاهه رخ خان کي ڪاسٽ ڪري. عامر خان شاهه رخ خان سان پڻ ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ هن باليووڊ بادشاهه کي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو، جنهن بعد ڪنگ خان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ها ڪئي .ياد رهي ته فلم”سليوٽ“ ڀارت جي پهرين خلاباز راڪيش شرما جي حياتي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ شاهه رخ خان خلاباز جو ڪردار ادا ڪندو. راڪيش شرما ڀارت جو پهريون هوائي فورس جو پائلٽ هو جنهن 1984 ۾ خلا ئي سفر ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے