20 خميس , سيپٽمبر 2018

ارجن رامپال ۽ مهر جيسيا پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا

Arjun Rampal and Mehshema separated their roadsممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي مشهور اداڪار ارجن رامپال پنهنجي 20 ورهين جي شادي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪار ارجن رامپال ۽ سندس گهرواري ڀارتي ماڊل ۽ پروڊيوسر مهر جيسيا پنهنجي 20 ورهين جي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي رشتو ختم ڪري ڇڏيو. ٻنهي هڪ بيان ذريعي اعلان ڪيو ته هو 20 ورهين جو خوبصورت سفر جيڪو پيار ۽ حسين يادن تي سان ڀريل آهي سان گڏ اسان اهو پڻ شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا ته هر سفر جا مختلف رستا هوندا آهن، ۽ اسان کي ائين لڳي رهيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي ڌار ڌار منزل طرف روانا ٿيون.  بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي جيڪو اڳتي پڻ جاري رهندو. هن پنهنجي بيان ۾ عليحدگي جو اعلان ڪندي چيو ته اسان ميڊيا ۾ پنهنجي ذاتي زندگي جي حوالي سان گهڻو ناهيون ڳالهائيندا اهو ئي سبب آهي جو هي اعلان ڪرڻ پڻ ڪافي عجيب لڳي رهيو آهي، پر جيڪڏهن حقيقت بيان نه ڪئي ويندي ته ماڻهون ان جو ڪجهه ٻيو ئي مطلب ڪڍي سگهن ٿا. ياد رهي ته ارجن رامپال ۽ مهر جيسيا جي شادي 1998 ۾ ٿي هئي، ٻنهي ٻه ڌيئرون آهن مهيڪا 16 جي ورهين جي آهي جڏهن ته ماهرا 13 ورهين آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے