22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

لارڊز ٽيسٽ ۾ سلو اور ريٽ،  پاڪستان ٽيم تي ڏنڊ

Pakistan fined for slow over-rate during Lord’s Testدبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل لارڊز ٽيسٽ ۾ سلو اور ريٽ تي پاڪستان ٽيم مٿان ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. پاڪستان ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏيندي سريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪئي آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ٽيم مقرر هدف کان ٽي اور گهٽ ڪيرايا، جنهن تي ميچ ۾ ريفري جيف ڪرو ڪپتان سرفراز احمد تي ميچ فيس جو 60 سيڪڙو جڏهن ٽيم جي ٻين رانديگرن مٿان ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. آءِ سي سي قانون جي آرٽيڪل 2.5.1 موجب مقرر وقت ۾ گهٽ اور ڪيرائيندڙ رانديگر تي في اور 10 سيڪڙو ميچ فيس جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو آهي، ان ميچ ۾ پاڪستان مقرر وقت ۾ ٽي اور گهٽ ڪيرائڻ تي 30 سيڪڙو ڏنڊ برداشت ڪرڻو پيو. آءِ سي سي جي قانون موجب پاڪستاني ٽيم هڪ سال ۾ ٻيو ڀيرو سلو اور ريٽ ڪيو  ته ڪپتان سرفراز احمد کي هڪ مئچ جي معطلي کي منهن ڏيڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے