26 اربع , سيپٽمبر 2018

ادڪارا ميرا عتيق الرحمان جي گهرواري آهي، عدالت 9 ورهين بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

actor meera is the wife of Atiqiq-ur-Rehman, the court ruled nine years laterلاهور(شوبز نيوز) فيملي ڪورٽ 9 ورهين بعد فيصلو ٻڌائيندي اداڪارا ميرا کي عتيق الرحمان جي گهرواري قرار ڏئي ڇڏيو. فيملي جج بابر نديم اداڪارا ميرا جي  نڪاح ختم ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي اڄ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت 18 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلي ۾ اداڪارا ميرا جي دعويٰ کي خارج ڪندي عتيق الرحمان سان سندس نڪاح کي حقيقت تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ميرا جو نڪاح نامو حقيقتن تي ٻڌل آهي ۽ نڪاح پڙهائندڙ باقائدا نڪاح نامي جي تصديق پڻ ڪئي. عدالت وڌيڪ چيو ته ٻنهي جي وچ ۾ تڪرار هڪ گهر کان شروع ٿيو. واضح رهي ته اداڪارا ميرا جولائي 2009 ۾ نڪاح ختم ڪرڻ واري ڪيس فيملي عدالت ۾ چيلنج ڪيو ويو هو. اداڪارا ميراجي وڪيل جو شروعاتي موقف هو ته عتيق الرحمان سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ميرا جي مرس هئڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي، ۽ هن وٽ نڪاح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي دستاويز به موجود ناهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سلمان خان، ريمو ڊي سوزا طرفان ريس 3 جي ناڪامي جو ذميوار کيس قرار ڏيڻ تي ناراض

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ هدايتڪار ريموڊي سوزا ريس 3 کي بدترين فلم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے