19 اربع , سيپٽمبر 2018

فاٽا باضابطا طور ڪي پي جو حصو، صدر بل تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ممنون حسين فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ بابت بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد علائقو باضابطا طور صوبي ۾ شامل ٿي ويو آهي. فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ بل 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان پاس ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي بل جي مخالفت ڪئي، ڪي پي اسيمبلي به 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا.  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طرفان فاٽا کي ڪي پي جو حصو بڻائڻ جي سمري صدر کي موڪلي وئي جنهن تي صدر باضابطا طور صحيح ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي جي جاچ ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به شامل ڪيو وڃي: اپوزيشن جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان جاچ لاءِ خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے