21 جمعو , سيپٽمبر 2018

لارڊز ٽيسٽ ۾ ڪاميابي: پاڪستان بالرن جي رينڪنگ ۾ بهتري

Success in Lord Tests: Improvement in Pakistan Ballon's Ranking

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ لارڊز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ مڪمل ٿيڻ بعد آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. ميچ ۾ 8 وڪيٽون وٺندڙ محمد عباس جي بالنگ رينڪنگ ۾ 9 درجه بهتري آئي ۽ هو 29 کان 20 هين نمبر تي اچي ويو آهي. اهڙي طرح محمد عامر 5 پوائنٽن جي واڌ سان گڏ 32 هين ۽ 4 وڪيٽون وٺندڙ حسن علي 26 درجا ترقي ماڻي 61 هين پوزيشن تي پهچي ويو آهي. بالنگ فهرست ۾ انگلش فاسٽ بالر جيمز انڊروسن پهرين نمبر تي آهي.  بيٽسمينن جي فهرست ۾ پاڪستان جي اسد شفيق، حارث سهيل ۽ بابر اعظم جي رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي، پر ٽئي بيٽسمين لاڳيتو 50 هين پوزيشن کان به هيٺ آهن.  انگلش ٽيم طرفان 70 رنسن جي اننگز کيڏندڙ السٽرڪڪ جي رينڪنگ ۾ درجي جي بهتري سان 16 کان 15 هين پوزيشن تي اچي ويو آهي. اهڙي طرح لارڊز ٽيسٽ بعد ٽيم رينڪنگ ۾ ڪو به فرق ناهي آهي، پر ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي بعد پاڪستان ستين کان پنجين ۽ انگلينڊ پنجين کان ستين پوزيشن تي پهچي هلي وئي آهي. پر جيڪڏهن سريز برابر رهي ته ٻنهي جي رينڪنگ ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي. پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ سريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پهرين جون کان ليڊز ۾ شروع ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے