22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عالمي طاقتن طرفان عام چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ جو خدشو آهي: سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان ۾ چونڊن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. چونڊن لاءِ سڪيورٽي پلان بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي بابر يعقوب چيو ته چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبو سامهون اچي رهيو آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان کي ڏسڻو پوندو فوج کي وڏي پئماني تي ڪهڙي نموني سرحدن تان گهرايو وڃي. سندس چوڻ هو ته ٻن قسمن جا رايا اچي رهيا آهن، هڪ اهو ته 20 هزار  حساس اسٽيشنن تي سڪيورٽي ڪئمرائون لڳنديون، اسٽيشنن تي ڪئمرائون لڳائڻ جي سلسلي ۾ ڪميٽي تجويز ڏئي سگهي ٿي، ان سان ووٽرن جو ڳجهي نموني ووٽ وجهڻ جو حق متاثر نه ٿيندو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته وڏي انگ ۾ ڪيمرائون ڀاڙي تي حاصل ڪيون وينديون، ڪيمرائون کي لائيو ڏسڻ ۾ هيڪنگ جا مسئلا ٿي سگهن ٿا.  هن چيو ته لازمي ووٽنگ لاءِ اسان وٽ ڪو به قانون ناهي، جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ووٽنگ لازمي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت پاڪستان خلاف سڌو سنئون ڌمڪين تي لهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے