22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

فلسطيني قيدن کي عالمي ڪپ نه ڏسڻ ڏيندس: اسرائيلي وزير

Palestinian prisoners will not see global wear: Israeli ministerغزه(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي عوامي تحفظ واري وزير گيلاد اردان چيو آهي ته هنن جي ڪوشش هوندي ته هو فلسطيني قيدين کي جيڪي حماس جا ميمبر رهي چڪا آهن انهن کي هن سال ٿيندڙ فٽبال جي عالمي ڪپ جون ميچون نه ڏيکاريون وڃن. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن چيو ته سندس اهڙو ڪو به ارادو ناهي ته جيستائين اسرائيلي فوجي ۽ يرغمالي غزه جي پٽي تي موجود آهن، هو حماس جي ميمبر رهندڙن قيدين کي عالمي ڪپ جو ميچون ڏسڻ ڏين. وزير وڌيڪ چيو ته هن اسرائيل پرزن سروس کي حماس جي ميمبر قيدين تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ چيو آهي. موجودا قانون موجب قيدين کي ٽي ڏسڻ جي اجازت هوندي آهي، پر گيلاد اردان چيو آهي ته هو ان ڳالهه تي غور ڪري رهيا آهن، ته ايندڙ عالمي ڪپ کان اڳ قانون ۾ ڪا تبديلي ڪئي وڃي. ياد رهي ته فٽبال جو عالمي ڪپ ايندڙ مهيني 14 جون 15جولائي تائين روس ۾ کيڏيو ويندو. گيلاد چيو ته هو انهن قيدين کي جيڪي دهشتگردي جي حمايت ڪن ٿا کين عالمي ڪپ جون ميچون ڏسڻ نه ڏيندو.  فلسطيني پرزنرز ڪلب موجب هن وقت اسرائيلي جيلن ۾ تقريبن 6500 قيدي موجود آهن. ياد رهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪونسل فلسطيني شهرين جي خلاف اسرائيل فوج جي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڪيل ڪاروائين جي جاچ لاءِ هڪ تحقيقاتي ڪيمشن غزه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن مهيني جي شروعات ۾ اسرائيل غزه سرحد تي نئين باڙ جي خلاف جاري مظاهرن ۾ اسرائيلي فوج هٿان ڪيترائي عام شهري مارجي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے