21 جمعو , سيپٽمبر 2018

آمريڪي استاد ٽرمپ جو غلطين سان ڀريل خط واپس وائٽ هائوس موڪلي ڇڏيو

The retired American teacher Trumppe sent the wrong house back to the wrong houseواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سدائين خبرون ۾ ”اِن“ رهندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو  خط سخت چيڪنگ جي زد ۾ اچي ويو ۽ هڪ ريٽائرڊ انگلش استاد ٽرمپ جي هڪ خط مان ڪيتريون ئي غلطيون ڪڍي واپس وائٽ هائوس اُماڻي ڇڏيو. نيويارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب يوون ميسن نالي هاءِ اسڪول جي استاد ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي هڪ خط لکي چيو ته هن کي فيبروري ۾ فلوريڊا جي پارڪ لينڊ ۾ قائم اسڪول ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويل 17 ڄڻ ن جي گهر وڃي انهن جي وارثن سان ملڻ گهرجي. جنهن جي جواب ۾ وائٽ هائوس طرفان ڊونلڊ ٽرمپ جي صيحيح ٿيل خط 3 مئي تي 61 ورهين جي يوون ميسن ڏانهن اماڻيو ويو. جڏهن ته استاد کي مليل ٽرمپ جي خط ۾ هن جي خدشن جو جواب ڏيڻ کان سواءِ هن جي کنيل سمورن قدمن کي گم ڪيو ويو آهي جيڪي هن فائرنگ واري واقعي بعد کنيا هئا. ان سان گڏوگڏ ئي خط ۾ ايتريون غلطيو ڪيون ويون آهن جو استاد ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ هن ڪيپٽل لفظن، اسپيلنگ جي غلطين ۽ رائٽنگ اسٽائل سميت ”خط“ جو مڪمل پوسٽ مارٽم ڪري ان جي تصوير ورتي ان کي فيسبڪ تي شيئر ڪيو ۽ ٻيهر خط وائٽ هائوس روانو ڪيو. ڄاڻايل استاد چيو آهي ته هن کي پنهنجي سموري حياتي ۾ ڪڏهن به ايتريون چريائپ وارين غلطين سان ڀريل خط ناهي مليو . هن چيو ته پروفيشنل حوالي سان هن خط کي ”سي ۽ ڊي“ گريڊ جو قرار ڏنو ۽ غلطيون درست ڪرڻ خط واپس موڪليندي ان کي ڪو به گريڊ نه ڏنو. استاد اهو پڻ لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته هي خط ٽرمپ نه پر ڪنهن اسٽاف ميمبر لکيو آهي، پر جڏهن توهان گورنمنٽ هاءِ ليول جا خط موصول ڪندي ته اها اميد ڪندي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ميڪينيڪل درستگي ضرور هوندي.ان حوالي سان وائٽ هائوس سان رابطي ڪيو ويو پر ترجمان فوري طور تي ڪو به جواب نه ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے