18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اڳوڻي چيف جسٽس ناصر الملڪ کي نگران وزيراعظم بڻائڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ۽ مخالف ڌر  آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس ناصر الملڪ کي نگران وزيراعظم بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشاهه چيو ته ملڪ جو نگران وزيراعظم ناصر الملڪ  هوندو. هن چيو ته کيس اميد آهي ته ناصر الملڪ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته اقتدار جي منتقلي جو عمل به جمهوري انداز سان مڪمل ٿيندو. خورشيد شاهه چيو ته اسان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجا پنج سال پورا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي مخالف ڌر سان رابطو ڪيو ۽ هنن به پنهنجا نالا ڏنا. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿينديون.  خورشيد شاهه چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ مشورن ۾ اسپيڪر به اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ناصر الملڪ جو ماضي واضح آهي، سندس نالي تي ڪير به اعتراض نه ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے