19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪڏهن به لنڊن فليٽس جي مالڪ نه رهي آهيان: مريم نواز جو بيان قلمبند

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شريف خاندان خلاف احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائيندي مريم نواز چيو ته مان ڪڏهن به لنڊن فليٽس جي مالڪ نه رهي آهيان ۽ نه وري نيلسن ۽ نيسڪول جي بينيفيشل آنر آهيان. احتساب عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرائيندي مريم نواز چيو ته موزيڪ فونسيڪا جو 22 جون 2012ع جو خط پرائمري دستاويز ناهي، جڏهن ته جي آءِ ٽي سبراهه واجد ضياءَ جو پيش ڪيل 3 جولاءِ 2017ع جو خط به شاهدي طور عدالتي رڪارڊ جو حصو نه ٿو بڻائي سگهجي ڇو ته خانگي فرم جي خط ۾ ڪابه حقيقت ناهي. مريم نواز چيو ته خط سڌو سنئون جي آءِ ٽي کي موڪليو ويو جيڪو قانون موجب ناهي، خط ۾ لکيل دستاويز پيش نه ڪيا ويا ۽ جهڙي نموني اهو خط پيش ڪيو ويو تنهن جي ساک تي سنجيده شڪ پيدا ٿين ٿا.   هن چيو ته خط لکندڙ کي پيش ڪرڻ کانسواءِ منهنجي آڏي پڇا جي حق کان محروم ڪيو ويو ته جيئن مان خط جي متن جي تصديق نه ڪري سگهان ۽ آڏي پڇا جو موقعو نه ڏئي ٽرائل جي حق مان محروم ڪيو ويو آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته مريم پنهنجي دفاع ۾ شاهد گهرائي چاهي ٿي ته گهرائي سگهي جنهن تي مريم نواز جي وڪيل چيو ته اهو ڏسڻو پوندو ته پرڏيهي شاهد کي گهرائي به سگهجي ٿو يا نه ؟ مريم نواز چيو ته ڪيپٽل ايف زيڊ اي جو دستاويز مون بابت ناهي، اهي دستاويز ڪريل مقصدن تحت پيش ڪيا ويا جڏهن ته فريادي ڌر طرفان پيش ڪيل دستاويز قبولڻ جوڳي شاهدي ناهي، فرد جرم موجب اهي مڪمل طور اڻ لاڳاپيل دستاويز آهن. هن چيو ته خط تي ڀاڙڻ شفاف ٽرائل خلاف هوندو، خط جي متن کان هميشه انڪار ڪيو آهي، مان ڪڏهن به لنڊن فليٽس يا انهن ڪمپنين جي بينيفيشل مالڪ نه رهي آهيان، انهن ڪمپنين مان ڪڏهن ڪو مالي نه مالي فائدو ورتو ۽ نه وري نفعو حاصل ڪيو. گلف اسٽيل ملز جا 25 سيڪڙو شيئرز، التوفيق ڪيس جو ٺاهه ۽ 12 ملين جي سيٽلمينٽ تي توهان ڇا چوندا جي جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته مان ان معاملي ۾ ڪڏهن به شامل نه رهي آهيان. گلف اسٽيل ملز جي 25 سيڪڙو شيئرز جو حصو نه رهي آهيان ۽ 1980 جي ٺاهه سان به ڪو تعلق ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے