23 آچر , سيپٽمبر 2018

شاهه رخ خان جو شهزادو ابرام پنجن ورهين جو ٿي ويو

Shahrukh Khan's prince Abram became five-year-oldممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ سندس گهرواريءَ گوري خان ننڍي پٽ ابرام جي اڄ  پنجين سالگرهه ملهائي رهيو آهن. ان موقعي ته شاهه رخ خان ۽ گوري خان ٽوئيٽر تي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پٽ ابرام کي سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. شاهه رخ خان ابرام جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو  ته منهنجو سن شائن اڄ 5 ورهين جو ٿي ويو آهي پر سندس خيال موجب هو 9 ورهين جو آهي، پر جيڪڏهن توهان هن سان ملو ته مهرباني ڪري کيس اهو نه ٻڌائجو. شاهه رخ خان ان سان گڏوگڏ اهو پڻ لکيو ته ٻارن کي پنهنجي موسيقي پاڻ ٻڌڻ گهرجي، پاڻ ئي گيت ڳائڻ گهرجن ۽ پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن خوابن تي پنهنجو يقين پختو ڪرڻ گهرجي. شاهه رخ خان جي گهرواري گوري خان پڻ پنهنجي ننڍي پٽ جي سالگرهه تي سندس تصوير شيئر ڪندي مبارڪون ڏنيون. ياد رهي ته باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ فلم پرڊيوسر گوري خان جا 3 ٻار آهن، جن مان سڀ کان وڏو پٽ آريان، ڏيءَ سهانا ۽ سڀ کان ننڍو پٽ ابرام آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے