23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان گلگت بلتستان آرڊر تي ڀارتي احتجاج رد ڪري ڇڏيو

Pakistan rejects Indian protests on Gilgit-Baltistan orderاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان گلگت بلتستان آرڊر تي ڀارتي احتجاج هڪدم رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل پنهنجي بيان ۾ چيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارتي دعويٰ ڪنهن طور تي به منظور ناهي. ترجمان چيو ته ماضيءَ جي حقيقتون۽ موجودا حالتون ڀارت دعويٰ جي ابتڙ آهن،  ڄمون ڪشمير وارو سمورو علائقو تڪراري آهي. بيان ۾ گلگت بلتستان تي ڀارتي احتجاج رد ڪندي چيو ويو آهي ته گلگت بلتستان آرڊر تي پروپيگنڊا ڪرڻ سان ڀارت خالي هٿين ڪشميرن تي جارحيت تي پردو نٿو وجهي سگهي. ترجمان چيو ته ڄمون ڪشمر رياست هڪ تڪراري علائقو آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب پڻ ڄمون ڪشمير تڪراري علائقو آهي جنهن جي حيثيت آزاد راءِ بعد ئي مقرر ڪئي ويندي. هن چيو ته راءِ جي حق کي ڀارت، پاڪستان ۽ عالمي برادري تسليم ڪري چڪي آهي، ڀارت کي غير ضروري ۽ غيرقانوني بيان جاري ڪرڻ بجائي والاريل ڪشمير تي ناجائز قبضا ختم ڪرڻ گهرجن. ترجمان چيو ته ڀارت جي انساني حقن واري بيان ڀارتي منافقت جو هڪ شاندار مثال آهي، ڀارت پاڻ والاريل ڪشمير تي بدترين انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث رهيو آهي. ترجمان واضح ڪيو ته گلگت بلتستان جي حوالي سان پاڪستان جي کينل قدمن جو مقصد  عوام کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے