23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: بلديه ٽائون ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب ماءُ ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت

Karachi: 8 people including 8 children including mother and children were killed due to fire in the Belediya Townڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ قائم ملنگ ڳوٺ ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب ماءُ ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا سڙي فوت جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. بلديه ٽائون جي علائقي ملنگ ڳوٺ ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ جي گاڏي ٿڏي تي پهتي ۽ باهه تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان وقت تائين باهه سبب 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا. جڏهن ته  3ڄڻن رستي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. جڏهن ته هڪ ڄڻو اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو . باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل وڌيڪ 2 ڄڻا سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ علاج هيٺ آهن. فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ گلزاره بي بي، نازيه، ظفر، نائلا، ريحان، رقيه، طيب ۽ اقصيٰ جي نالن سان ٿي آهي. جڏهن ته زخمين ۾ ساجد ۽ سائينداد شامل آهن. متاثر ٿيندڙ گهر جي پاڙي وارن ميڊيا کي ٻڌايو ته ته جيستائين ماڻهو هيڏانهن اچن تيستائين باهه پوري گهر کي وڪوڙي چڪي هئي. پوليس موجب گهر ۾ باهه فوت ٿيندڙن ٻارن جي ماءُ گلزار بي بي ٻاري هئي، جيڪا پاڻ به سڙي فوت ٿي وئي آهي. واقعي ۾ محفوظ رهندڙ زخمي ساجد پوليس کي ڏنل ويڊيو بيان ۾ ٻڌايو ته جڏهن ڪمري ۾ باهه لڳي ته هو سڀ هڪ ڪمري جڏهن ته امڙ ٻاهر آرام ڪري رهي هئي، جنهن سبب محفوظ رهياسين. ساجد موجب سندس امڙ جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو ء۽ ٻن ورهين کان سندس علاج هلي رهيو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي پوليس چيف اهلڪارن جي جديد هٿيارن کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس چيف امير شيخ اهلڪارن جي جديد هٿيارن کي تبديل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے