25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ هڪ اهم وک

                         هلندڙ سال يعني 2018 لاءِ عام چونڊن جو شيڊول جاري ٿي چڪو آهي. صدر ممنون حسين طرفان پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي 25 جولاءِ تي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿينديون. اڄ صوبائي اسيمبلين جو آئيني مدو پورو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو مدو 31 مئي يعني خميس ڏينهن رات جو ٻارهين وڳي پورو ٿيندو. سنڌ حڪومت ۾ توڙي جو حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي اڃا ڪو اتفاق ظاهر نه ٿيو آهي پر اڄ رات ٻارهين وڳي سنڌ سرڪار جو آئيني مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ وزيرن ۽ مشيرن جي حيثيت به ختم ٿي ويندي ۽ اهي پريهنَ کان عام شهريءَ جيان پنهنجي تڪن ۾ وڃين چونڊن لاءِ تياري ڪندا.

وفاقي سطح تي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي ڪو اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ۽ گهڻو امڪان آهي ته هيءُ معاملو پارلياماني ڪميٽيءَ ڏانهن هليو ويندو جتي اڪثريت جي بنياد تي نگران وزيراعظم جي مقرري عمل ۾ ايندي. خيبرپختونخوا ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي وڏي وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهو عمل اڃا مڪمل ٿيڻو آهي.

چونڊن جي شيڊول جو اعلان ٿيڻ ۽ لاڳيتين ٽن چونڊن ڏانهن بنا ڪنهن رنڊ ۽ روڪ جي پاڪستان جو اڳتي وڌڻ جمهوريت جي مضبوطيءَ ڏانهن ان ڪري به اهم سمجهيو پيو وڃي جو هن ملڪ ۾ ڪا حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري سو هڪ معجزو ئي پئي رهيو آهي پر 2008ع جي عام چونڊن کان پوءِ عوام جي چونڊيل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو جنهن کان پوءِ ايئن ئي وقت تي 2013ع ۾ عام چونڊون ٿيون جيئن هن ڀيري شيڊول پڌرو ٿيو آهي. سو هي پهريون ڀيرو آهي جو هڪ حڪومت کان پوءِ ٻي حڪومت به پنهنجو مدو پورو ڪري چونڊن ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ اهو عمل ڪن ٻاهرين قوتن جي مداخلت بدران پارليامينٽ ۽ چونڊيل نمائندن جي ذريعي اڳتي وڌندي نظر اچي رهيو آهي جيڪا پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ هڪ سٺي خبر آهي.

چوندا آهن ته آمريت ڪيتري به بهتر ڇو نه هجي پر بدترين جمهوريت بهتر آمريت کان ڪيئي ڀيرا بهتر آهي.جمهوريت جيئن ته عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي قائم ٿيندڙ هڪ نظام جو نالو آهي جنهن ۾ فيصلا ڪو فرد واحد يا طاقتورن جو ڪو ٽولو نه پر پارليامينٽ ۽ عوام جا چونڊيل نمائندا ڪندا آهن تنهن ڪري جمهوريت اندر فيصلي سازي ۾ عوام ڪنهن نه ڪنهن نموني ضرور شريڪ هوندو آهي ۽ جمهوريت ۾ جيڪي فيصلا ٿيندا آهن تن جو فائدو اول ۽ آخر عوام کي ئي پوڻو هوندو آهي، جڏهن ته آمريتي ۽ اڻ چونڊيل نظام ۾ جيئن ته فرد واحد مڙهيل هوندو آهي تنهن ڪري فرد واحد اڪثريت جي راءِ کي نظرانداز ڪندي بوٽن هيٺان لتاڙيندي جيئن وڻي تيئن ڪندو آهي، ملڪ ۽ عوام جي مفاد بدران پنهنجي ۽ مخصوص دائري جي مفاد ۾ فيصلا ڪندو آهي جن جو ڪيتو دنيا جي قومن ۾ عوام کي ۽ ملڪ کي ڀوڳڻو پوندو آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت جي نڙيءَ تي جيئن ته هميشه ننهن ئي آيل رهيو آهي تنهن ڪري جمهور جو آواز دٻيل ئي رهيل هجڻ ڪري پاڪستان اڄ هن پنڌ پهتو آهي ۽ چئني ڏسائن ۾ ڪيئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

جمهوريت توڙي جو هن معاشري ۾ پنهنجو پاڙون پختيون ڪري نه سگهي آهي ۽ اڄ به چونڊيل حڪومتن تي وار معمول بڻيل آهن، اڄ به چونڊيل حڪومتون پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪرڻ ۾ بيوس نظر اچن ٿيون پر تنهن هوندي به سٺي خبر هيءَ آهي ته جمهوريت رڙهي رهي آهي اڳتي وڌي رهي آهي، چونڊيل حڪومتون جيئن جيئن تسلسل سان عام چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿينديون رهنديون تيئن تيئن پاڪستان جو سماج به سنئين دڳ تي ايندو ويندو ۽ پاڪستان کي جيڪي چئلينجون درپيش آهن عوام جن بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي سي بحران به جمهوريت جي ان تسلسل سان پنهنجي منطقي انجام ڏانهن هلندا ويندا.

عام چونڊن جو جيئن ته اعلان ٿي چڪو آهي تنهن ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار مڪمل نموني استعمال ڪري چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻائيندي، نه رڳو ايترو پر سياستدانن، سياسي جماعتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي به آئيني ذميواري آهي ته اهي چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڇو جو عوام جي مينڊيٽ سان هٿ چراند جا نتيجا نه اڳ ۾ سٺا نڪتا آهن نه ئي اڳتي هلي سٺا نڪري سگهن ٿا، شفاف چونڊن جي نتيجي ۾ پاڪستان دنيا جي قومن ۾ ڳاٽ اوچو ڪري هلي سگهندو ۽ عوام کي به پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجا نمائندا چونڊي ايوان ۾ موڪلي پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو حق حاصل ٿي سگهندو.

سومر 28 مئي 2018ع، 12 رمضان المبارڪ 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪربلا جو واقعو ۽ حق جي فتح

ڪربلا جو واقعو سموري اسلامي تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ عظيم تاريخي واقعي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے