22 جمعو , جون 2018

گجرات ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 6 دهشتگرد مارجي ويا

گجرات ( ويب ڊيسڪ ) گجرات ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 6 مبينا دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڀڄي ويا. سي ٽي ڊي چناب پل وريجهو 9 دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي دهشتگردن پوليس تي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. سي ٽي ڊي جي اهلڪارن ۽ دهشتگردن ۾ هڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو جنهن جي نتيجي ۾ مبينا طور 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 3 اوندهه جو فائدو وٺي ڀڄي ويا. ڀڄي ويل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي. سي ٽي ڊي جي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ صهيب، عبدالمقيم، فيصل، عثمان، عبدالعظيم ۽ رئوف شامل آهن. مارجي ويلن جي قبضي مان 2 آپگهاتي جيڪٽس، ڪلاشنڪوف، هينڊ گرنيڊ ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل هڪ دهشتگرد صهيب جو نالو ريڊ بڪ ۾ شامل هو ۽ لاهور ڌماڪن ۾ پڻ ملوث هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان 91 ڪروڙ جو مالڪ، هڪ ارب رپين جو قرضي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر عليم خان جي اثاثن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے