18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

خرم نواز گنڊا پور جي وڊيو ليڪ ڪرڻ تي 320 شاگردياڻين کي هاسٽل مان نيڪالي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) منهاج القرآن يونيورسٽي انتظاميه خرم نواز گنڊا پور جي وڊيو  ليڪ ڪرڻ تي 320 شاگردياڻين کي هاسٽل مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ منهاج القرآن يونيورسٽي هاسٽل جي نگران خرم نواز گنڊا پور جي وڊيو ليڪ ڪرڻ تي يونيورسٽي انتظاميه 320 شاگردياڻين کي هاسٽل مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. انتظاميه شاگردياڻين کي 31 مئي تائين سموري هاسٽل خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گرلز هاسٽل ۾ شاگردياڻين جي والدين پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته جن ٻارڙين جو ڏوهه آهي تنهن کي ڪڍيو وڃي باقي سڀني کي ڪڍڻ زيادتي آهي، ٻاهر خانگي هاسٽل جو خرچ ڪيئن ادا ڪيو ويندو. ٻئي طرف شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته ڪجهه شاگردياڻين جي شرڪت جي سزا ٻيون شاگردياڻيون ڇو ڀوڳين، انتظاميه کي گهرجي ته انصاف سان فيصلو ڪري ۽ معاملي جي تهه تائين پهچي قصور وار شاگردياڻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے