18 سومر , جون 2018

نگران وزيراعظم جو فيصلو هاڻي پارلياماني ڪميٽي ڪندي: خواجه آصف

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عدم برداشت پي ٽي آءِ جي سياست جو ڪلچر آهي،دانيال عزيز کي چماٽ هڻندڙ کي شاباش ڏني وئي. سيالڪوٽ ۾ شهباز شريف فلاءِ اوور پل جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته هتي سياست ذاتي ۽ خوني دشمني ۾ تبديل ٿي رهي آهي، جڏهن ته سياست ممڪنات جو عمل آهي جنهن کي ناممڪنات طرف نيو پيو وڃي. هن چيو ته اختلاف جمهوريت جو حسن آهن پر اهڙا اختلاف نه ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته 25 جولاءِ تي ڪارڪردگي عوام جي عدالت ۾ وٺي وينداسين، تبديلي جو نعرو هڻندڙن ڪي پي کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، تبديلي اسان آندي آهي. خواجه آصف چيو ته اسان جي بي مثال ڪم جو مقابلو سنڌ ۽ ڪي پي وارا نه ٿا ڪري سگهن، هاڻي ته مخالف به اسان جي ڪمن جي واکاڻ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي اوليتن ۾ شامل آهي، 10 سالن ۾ شهباز شريف جهڙن ترقياتي ڪمن جو مثال نه ٿو ملي. سندس چوڻ هو ته سياست ۾ عدم برداشت تمام وڏو خطرو آهي. خواجه آصف چيو ته نگران وزيراعظم جو معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ هليو ويو، هاڻي جلد فيصلو ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے