19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي سي بيءِ ۽ آءِ سي سي اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان : حسن رضا

An attempt to breathe is ready to be presented to PCB and ICC: Hassan Razaلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر حسن رضا ”وڪيٽ فڪسنگ“ اسڪينڊل بابت رپورٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هي پراڻي ويڊيو آهي، جيڪا ليڪ ڪئي وئي آهي، هن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن رضا نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته عجمان ۾ لوڪل ٽورنامنٽ ٿي رهيو هو اها ويڊيو اُتان جي آهي، هن چيو ته کيس پرائيوٽ ٽورنامنٽ ۾ انعقاد جي لاءِ گهرايو ويو هو جڏهن اتي پهتس تي خبر پئي ته ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي، ان ڪري سمورن رانديگرن کي روڪيو هو ته هو ان ٽورنامنٽ ۾ حصو نه وٺن. حسن رضا چيو ته ڀارتي مافيه جي فڪسنگ بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو هو، هن چيو ته هي سندس خلاف سازش آهي، فڪسنگ مافيا جا ماڻهو ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. قومي ڪرڪيٽر چيوته هو پي سي بيءَ جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ناهي،  سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل نه هئڻ سبب پي سي بيءِ سان ايترا لاڳاپا ناهن رهندا، هن چيو ته هو پاڪستان جي قومي ٽيم لاءِ کيڏندو رهيو آهي، آءِ سي سي ۽ پي سي بي جي اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان ٻنهي ادارن سان سهڪار پڻ ڪندس، هن چيو ته ڀارتي لابي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، کيس پڻ ٽريپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ۽ مستقبل ۾ پڻ وڌيڪ پاڪستانين ان جو نشانو بڻجي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: The India-PakistanTournament, the tourists consulting the team

ايشيا ڪپ: پاڪ-ڀارت مقابلي کان اڳ اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ٽيم کي مشورا

دبئي( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ ٽورنامنٽ جي سڀ کان وڏي مقابلي پاڪ-ڀارت کان اڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے