24 سومر , سيپٽمبر 2018

لاڙڪاڻو:  انسپيڪٽرز جي ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ اميدوارن جو احتجاج

Larkana: Test of Inspectors and Anti-Passive Candidates protestلاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ايڪسائيز کاتي ۾ انسپيڪٽرز جي ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙن اميدوارن پاران احتجاج ڪيو ويو .اميدوارن  پريس ڪلب آڏو سيد فياض شاھ، مختيار سيال ،نثار ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو . ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪومت ويندي ويندي به پنهنجا نوازي واري پاليسي اختيار ڪري رهي آهي جنهن سبب اهل نوجوان  مايوسي جو شڪار آهن هنن جو چوڻ هو ته 2008 ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽرز جي ڀرتي ڪئي هئي تنهن کي لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ جعلي قرار ڏيندي برطرف ڪرڻ جو حڪم  ڏنو هئو هنن چيو ته سکر هاءِ ڪورٽ به سندن  حق ۾ فيصلو ڪيو، پر افسوس ميرٽ، انصاف ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي سنڌ حڪومت اڃان به پنهنجا نوازي رهي آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت جعلي قرار ڀرتين کي صحيح قرار ڏيندي سنڌ اسيمبلي مان بل  پاس ڪرائي ميرٽ تي پاس ٿيندڙن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، کي پرزور اپيل  ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي لاءِ ڪراچي پوليس کي 3 سئو موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل ڪليم امام اسٽريٽ ڪرائمز خلاف ڪراچي پوليس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے