18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

عوامي مسئلن جو حل رڳو پ پ وٽ آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي سينيٽر مولابخش چانڊئي چيو آهي ته آئين ايٽم بم، تعليم، صحت، صنعت ۽ زراعت هر شعبي ۾ پ پ جي مهر آهي، مسئلن جو حل رڳو پ پ وٽ آهي. ڪراچي ۾ ميديا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئي چيو ته پ پ عوامي منشور، بينظير ۽ ڀٽو جو نظريو کڻي چونڊن ۾ ويندي، مخالفن وٽ جي ٽي روڊ جي جهيڙي ۽ الزامن کانسواءِ ڪجهه ناهي.  هن چيو ته ڪجهه روڊ ٺاهي، قوم کي گمراهه ڪندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيندو. مولابخش چانڊئي چيو ته پ پ هڪ قوم ٺاهيندي آهي، نواز شريف اچي قوم کي ورهائي ڇڏيندو آهي. هن چيو ته نواز شريف سان گڏ هاڻي عمران خان به قوم کي ورهائڻ ۾ لڳل آهي، عمران خان به مخصوص علائقي، مخصوص سوچ واري سياست ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے