23 آچر , سيپٽمبر 2018

ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن ڪامياب ٿيندي: خواجه سعد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته اسان کي بدنام ڪرڻ جي مهم هلائي پئي وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ڀلي ڪيتري به ڪير واويلا ڪري عوام ن ليگ کي ئي ڪاميابي ڏياريندو. هن چيو ته الزام لڳندا ۽ قافلا هلندا رهندا آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪو به غدار ناهي، سڀ محب وطن آهن، ماڻهن کي ڳالهائڻ جي آزادي هئڻ گهرجي. خواجه سعد رفيق چيو ته دراني صاحب جو ڪتاب پڙهيو ئي ناهي، ماڻهو ڪتاب پڙهڻ کانسوا ئي تبصرا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نواز شريف جي بيان کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي تبصرو ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے