26 اربع , سيپٽمبر 2018

تحريڪ انصاف ٽڪيٽون ورهائڻ لاءِ 31 مئي تي اجلاس طلب ڪري ورتو

Nawaz Sharif took politics in court, answers to questions were heard of Fateh: Fadad Chaudhryاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ لاءِ پارلياماني بورڊ جو اجلاس 31 مئي تي طلب ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي قانوني ترجمان فواد چوڌري لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عام چونڊن ۾ اميدوارن کي فوري طور ميدان تي لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ پارلياماني بورڊ جا اجلاس 31 مئي کان طلب ڪيا ويا آهن ۽ اهو سلسلو 2 جون تائين جاري رهندو. هن چيو ته عام چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ جي معاملي تي تحريڪ انصاف پارلياماني بورڊ جا اجلاس 31 مئي تي طلب ڪيا آهن جنهن ۾ آخري اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته 31 مئي تي اسلام آباد جي اميدوارن جو اعلان ٿيندو، جڏهن ته 2 ۽ 3 جون تي پنجاب جي اميدوارن جو اعلان ڪيو ويندو اهڙي نموني 4 جون تي فاٽا ۽ ڪي پي جي اميدوارن جو جڏهن ته 5 جون سنڌ ۽ 6 جون تي بلوچستان ۾ اميدوارن جو اعلان ٿيندو.  فواد چوڌري چيو ته پارلياماني بورڊ جي اجلاس جو مقصد عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي فوري طور ميدان ۾ لاهڻ آهي ۽ اهو سلسلو 2 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے