25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

”وڪيٽ فڪسنگ اسڪينڊل“ ٿرٿلو مچائيندڙ رپورٽ ۾ حسن رضا جو نالو به سامهون اچي ويو

In the "Short-texting scandal" Tharrilic report, the name of beauty also came to an endلاهور(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ عرب ٽي ويو جي ”وڪيٽ فڪسنگ اسڪينڊل“ بابت رپورٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي بيٽسمين حسن رضا جو نالو پڻ سامهو آيو آهي. عرب ٽي وي الجزيره جي رپورٽر اسپاٽ فڪسنگ بابت اسٽنگ آپريشن ڪيو جنهن ۾ ڀارت سان واسطو رکندڙ ميبينا فڪسر، رپورٽر ۽ اڳوڻي پاڪستان ڪرڪيٽر حسن رضا کي ڏسي سگهجي ٿو. حسن رضا کي مبينا فڪسر اڳوڻي ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر  رابن مورس سان گڏ فلمبند ڪيو ويو آهي، جڏهن اڳوڻو قومي ڪرڪيٽر ان ڳالهه ٻولهه ۾ سڌو سنئون شريڪ نه ٿيو پر فڪسر ڄاڻايل حڪمتي عملي دوران مثال جي طور تي حسن جو نالو کنيو.  ميبنا فڪسر رابن مورس اسٽنگ آپريشن ڪندڙ رپورٽر کي ميچ فڪسنگ جو يقين پڻ  ڏياريو. ان حوالي سان جاري ڪيل ويڊيو بابت باضابطه رابطو ڪرڻ  تي حسن رضا ڪو به جواب نه ڏنو . ٻئي پاسي ڪرڪيٽ جي عالمي اداري آءِ سي سي رپورٽ جي مڪمل منظر عام تي اچڻ بعد معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.  گذريل ڏينهن منظر عام تي آيل ان ويڊيو ۾ گرائونڊ اسٽاف کي سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ نومبر ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ميچ لاءِ ”وڪيٽ فڪسنگ“ ڪرائڻ بابت يقين ڌياني ڪرائيندي ڏيکاريو ويو آهي. ويڊيو ۾ وڪيٽ فڪسر ٿرنگا انڊيڪا ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ گال ٽيسٽ جي وڪيٽ پڻ”فڪس“ ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے