24 سومر , سيپٽمبر 2018

باڪسر عامر خان سان جنسي لاڳاپا هئا:صوفيه هماني

Baiker Amir Khan had sexual relations with him: Sufia Humayaniلنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائو برطانوي باڪسر عامر خان هڪ ڀيرو ٻيهر جنسي اسڪينڊل جي زد ۾ اچي ويو آهي آهي ۽ هن ڀيري صوفيه هماني نالي عورت باڪسر سان لڳاپا هئڻ جي دعوديٰ ڪئي آهي.  پرڏيهي خابرو اداري موجب 22 ورهين جي صوفيه هماني دعويٰ ڪئي آهي ته باڪسر عامر خان سان سندس ٻي ڌيءُ جي پيدائش جي 17 ڏينهن بعد اسانجي ملاقات ٿي هئي ۽ اها ملاقات هڪ ڪلب ۾ ٿي هئي جنهن ۾ عامر خان کيس ايسٽ لندن جي هڪ هوٽل ۾ وٺي ويو هو . صوفيه هماني نالي عورت چيو آهي ته عامر خان سان ٿيل ملاقات وقت علم نه هو ته سندس شادي اڃان تائين برقرار آهي ۽ ٻن ڌيئرن جو پيءُ آهي. صوفيه هماني وڌيڪ چيو ته هوٽل کان گهر واپسي لاءِ باڪسر عامر خان کيس 20 پائونڊ ڏنا هئا جڏهن ته واپسي جي ڪرائي لاءِ 50 پائونڊ گهربل هئا ، ٻئي ڏينهن ته باڪسر عامر خان ڪال ڪري پڇو ته مان خيريت سان گهر پهچي وئي هئس. صوفيه چيو ته باڪسر کي ٻڌايو ته سندس گهرواريءَ جي خبر پئجي وئي آهي، جنهن تي عامر خان چيو ته هو کيس موبائل تي پيغام نه موڪلي. صوفيه هاني موجب بعد ۾ عامر خان جي گهرواريءَ فريال مخدوم سان ڀيڻن جيان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته کيس لڳي ٿو ته فريال مخدوم پنهنجي مرس تي بلڪل به اعتماد نٿي ڪري سگهي، کيس گهرجي تي اهڙي شخص کان ڌار ٿي وڃي. ياد رهي ته گذريل سال عامر خان جي هڪ اڻ وڻندڙ ويڊيو  وائرل ٿي وئي هئي، جنهن ۾ هو پنهنجي اڳوڻي گرل فرينڊ سان اسڪائپ تي گُٿا لفظ ڳالهائيندي ڏٺو ويو هو. فحش ويڊيو تي پنهنجي ردعمل ۾ باڪسر عامر خان چيو هو ته ويڊيو کيس ۽ سندس گهرواري کي تمام گهڻي تڪليف پهچائي آهي، اها ويڊيو سندس شاديءَ کان اڳ ٺاهي وئي هئي، جڏهن هو ڪنهن ٻئي رشتي سان جوڙيل هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجودا رانديگرن کي افغان پريميئرليگ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته رٽائر ڪرڪيٽر ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے