25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ وارو بل اڄ منظوري لاءِ اسمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو

La aplicación de facturación para FATA en PP se presentará en la Asamblea para su aprobación hoyپشاور(ويب ڊيسڪ) وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي (فاٽا) کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ وارو بل اڄ صوبائي اسمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. خيبرپختوخواهه اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ منهنجد 2 وڳي شروع ٿيندو، جنهن دوران فاٽا کي صوبي ۾ ضم ڪرڻ واري بل جي منظوري ورتي ويندي. خيرپختونخواهه اسمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽي جمعيت علماءَ اسلام(ف) اسمبلي جي گهيراءُ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته مالاڪنڊ ڊويزن جي ميمبرن طرفان پڻ بل جي مخالفت سامهون آئي آهي. مالا ڪنڊ ڊويزن جي 24اسمبلي ميمبرن بل جي متن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي جن جو چوڻ آهي ته بل ۾ فاٽا سان گڏ پاٽا کي شامل ڪرڻ زيادتي آهي، جيڪڏهن حڪومت پاٽا جي حيثيت تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته پيڪيج جو اعلان ڪري. ياد رهي ته فاٽا جي ڪي پي ۾ ضم وارو بل قومي اسمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿي چڪو آهي. سمورين پارٽين پنهنجن ميمبرن کي اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ وقت تي پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسمبلي جي ويب سائٽ تي دستياب معلومات موجب هن وقت 124 ميمبرن تي ٻڌل اسمبلي ۾ ٻن ميمبرن جي غيرموجودگي سبب موجود ميمبرن جو انگ 122 آهي.  فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ ضم واري بل جي منظوري لاءِ ايوان جو ڪل انگ ٻه ٿائي يعني 82 ميمبرن جا ووٽ گهربل هوندا. هن وقت ايوان ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو انگ 61 آهي ويجهڙائي ۾ ٿيل سينيٽ چونڊن بعد ڪجهه ميمبر پارٽي کان ڌار ٿي چڪا آهن يا انهن کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏني وئي آهي. جنهن بعد پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو موجودا انگ 50 کان به گهٽ آهي. انگن اکرن موجب هن وقت فاٽا جي بهتري جي حمايت ڪندڙ پارٽي مسلم ليگ(ن) وٽ 15، پيپلز پارٽي 11 ۽ جماعت اسلامي وٽ 8 ميمبر آهن جڏهن اي اين پي 5، قومي وطن پارٽي 3، مسلم ليگ(ق) جا 3 اسمبلي ميمبر آهن. فاٽا جي ڪي پي ۾ ضم ٿيڻ جي واحد مخالف پارٽي جماعت علماءَ اسلام(ف) جي صوبائي اسمبلي جي ميمبرن جو انگ 17 آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Outside Bhattarai Parrors in Narthur Nazimabad, Vawan Gum, the Abuse of Abduction by Heritage

ڪراچي مان ڪنوار گم : پوليس اغوا جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ بيوٽي پارلر ٻاهران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے