19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ وڌندڙ روڊ حادثا، ذميوارن جو تعين ٿيڻ گهرجي..

سنڌ گذريل ڏهاڪي کان روڊ حادثن جا انتهائي خوفناڪ منظر ڏسي رهي آهي، جن ۾ گذريل ٻن ٽن سالن کان انتهائي تيزيءَ سان واڌ اچي وئي آهي، اڳ وڏي انگ ۾ روڊ  حادثا ڪراچيءَ –  حيدرآباد سپر هاءِ وي تي ٿيڻ معمول هوندو هو، پر هاڻي ملڪ ۾ وڌندڙ صنعتي سرگرمين ۽ ميگا پراجيڪٽس جي اچن بعد روڊ حادثن ۾ واڌ ڪراچي –  حيدرآباد سپر هاءِ وي تي ته وڌي وئي آهي پر ان سان گڏوگڏ انڊس هاءِ ۽ نيشنل هاءِ وي سميت ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٿر طرف به انتهائي تيزي اچي وئي آهي جو ٿر طرف پڻ ڪيئي ميگا پراجيڪٽس جي شروع ٿيڻ ڪري ڳري ٽريفڪ جو وهنوار شروع ٿيو آهي….،

سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي جنهن جي بندرگاهه تان روزانو هزران جي انگ ۾ ٽرالر ۽ وڏيون گاڏيون ڪراچيءَ کان نيشنل هاءِ وي ذريعي پنجاب طرف روانيون ٿين ٿيون، گاڏين جي انگ وڌڻ ۽ گاڏين جو ڳرو ٿيڻ پڻ انهن روڊ حادثن جو سبب ٻڌايو پيو وڃي پر سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه روڊ حاثن جو سبب آهي اها آهي روڊن جو گنجائش کان ڪيئي ڀيرا سوڙهو هجڻ ۽ گذرندڙ ٽريفڪ جي حوالي سان مناسبت نه رکڻ.

سنڌ ۾ روڊ حادثن جي حوالي سان جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ رنجيده ڪندڙ آهي، اُها آهي انهن ٽريفڪ حادثن طرف سنڌ حڪومت سميت وفاقي حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ جي ڪن لاٽار ۽ غير ذميواريءَ وارو رويو، جنهن جي ڪري نه ته حادثن ۾ ڪا ڪمي ٿي اچي ۽ نه ئي انهن کي روڪڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ٿا وڃن….،

تازوئي خيرپور ميرس ۾ ٺري مير واهه لڳ ٻن ڪارن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ست لاهوتين جي فوت ٿيڻ سميت، هڪ زخمي ٿي پيو آهي، جڏهن ته اڳ پڻ ڪراچي- سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي  تي ڪيترائي حادثا ٿيا آهن جن ۾ مڪمل طور تي ڪٽبن جا ڪٽنب اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ سراسري طور تي روڊ حادثن جو حساب لڳائبو ته روزانو ٽي کان چار روڊ حادثا معمول بڻيل آهن جن ۾ فوتين جي سراسري چار کان پنج جي لڳ ڀڳ آهي ۽ زخمين جي سراسري پنج کان ڇهه ماڻهن جي لڳ ڀڳ آهي، پر انهيءَ سموري صورتحال جو افسوس ناڪ پهلو اهو آهي ته گذريل ڪيئي سالن کا جاري روڊ حادثن جي سلسلي ۾ اڃان تائين ڪنهن به اداري، ۽ نه صوبائي گورنمينٽ ۽ وفاقي گورنمينٽ ڪو نوٽس نه ورتو آهي.

سنڌ ۾ روڊ حادثن جي متعلق مُتاثر جڏهن سنڌ حڪومت جي اهلڪارن ۽ ذميوارن سان رابطو ڪندا آهن ته کين چيو ويندو آهي ته سپر هاءِ وي سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ ناهي، ۽ نه ئي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ آهي، تنهنڪري سنڌ حڪومت انهيءَ ڏس ۾ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي، ٻئي طرف وفاقي حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پڻ انهيءَ ڏس ۾ ڪو موثر ڪردار ادا نه ڪيو آهي، نتيجي ۾ هر روز ڪيئي حادثا ٿين ٿا جن ۾ مرندڙن جو هڪ وڏو انگ سنڌ سان تعلق رکي ٿو، ڇو جو اهي وڏا رستا سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کان گذرن ٿا.

هتي حادثن جي حوالي سان جيڪو انتهائي افسوس ناڪ پهلو سامهون اچي ٿو اهو سنڌ توڙي وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن جي بي حسيءَ وارو پهلو آهي، روڊ حادثن ۾ ماڻهن جو مرڻ هڪ انساني الميو آهي ان الميي کي روڪڻ حڪومت جي اولين فرضن ۾ شامل آهي، پر هتي انتهائي افسوس جي ڳالهه اها ٿي ٿئي ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومت يا لاڳاپيل اختياريون انهيءَ مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، پنهنجن ماڻهن جي موت تي ڌيان نه ڏيڻ جي روش انتهائي افسوس ناڪ آهي.

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي جنهن ۾ ڪيئي ادارا سڌي يا اڻ سڌي طور تي صوبن ۾ هوندي به وفاقي حڪومت جي ضابطي ۾ رهن ٿا، سپر هاءِ ويز، نيشل هاءِ ويز ۽ موٽر ويز انهن ادارن مان هڪ آهن، سوال هي نه آهي ته ڪهڙا ادارا ڪنهن جي اختيار ۾ آهن، سوال هي آهي ته، اهي ادارا عوام کي ڪهڙي نموني سهولتون مُهيا ڪري رهيا آهن. پر جڏهن اهي ادارا اختيارن جي اختلافن جي ور چڙهن ۽ ماڻهن کي خدمت بجاءِ موت آڇين ته اهڙي صورتحال عوام ۾ اڻتڻ ۽ ڳڻتيءَ جو پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي،

اسين هتي سنڌ ۾ ٿيندڙ المناڪ ٽريفڪ حادثن جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اها گذارش ڪنداسين ته ٽريفڪ حادثن ۾ عوام جي مرڻ کي سولو ۽ سستو نه بنايو، پنهنجيون ذميواريون محسوس ڪيو، قبول ڪيو ۽ انهن تي عمل ڪيو، اهڙا عمل جيڪي رود حادثن کي گهٽائي سفر کي محفوظ بڻائڻ فوري طور تي کڻڻ جي سخت ضروري آهن، وفاق، سنڌ ۽ اختيارين جي مونجهاري ۾ پئي ماڻهن جي زندگين سان راند نه ڪريو. موجوده روڊن جي ضرورت مطابق گنجائش کي واڌيو وڃي، ٽريفڪ قانونن تي عمل کي سخت ڪريو، سفر لاءِ ٽريفڪ قانونن تي عمل يقيني بڻايو ته جيئن سفر محفوظ ٿئي ۽ عوام ذهني سک ۽ آرام سان سفر ڪري سگهي.

آچر  27  مئي 2018ع، 11 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے