25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿينديون: ملڪ جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ممنون حسين 25 جولاءِ تي عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.  سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ هڪ ئي ڏينهن ٿيندي، صدر اليڪشڻ ڪميشن جي موڪليل سمري تي تاريخ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ته ڪري ڇڏيو آهي پر حڪومت ۽ مخالف ڌر هن وقت تائين نگران وزير اعظم جي لاءِ ڪنهن هڪ نالي تي متفق ناهن ٿي سگهيا. موجوده حڪومت جو آئيني مدو 31 مئي 2018ع تي ختم ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن اُن وقت تائين حڪومت ۽ مخالف ڌر ڪنهن نالي تي متفق نه ٿيون ته نگران وزير اعظم جي مقرري جو اختيار پارليامينٽ جي هٿان نڪري ويندو. موجوده حڪومت جو آئيني مدو 31 مئي 2018ع تي ختم ٿي ويندو جنهن بعد نگران حڪومت ايندڙ چونڊن تائين پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي. موجوده طريقيڪار موجب نگران وزير اعظم جي چونڊ جي لاءِ وزير اعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ طرفان نالا سامهون ايندا آهن ۽ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ٿيڻ تي ان کي نگران وزير اعظم نامزد ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حمزا شهباز جي گهر ٻاهران حد دخليون فوري طور هٽائڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز جي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے