20 خميس , سيپٽمبر 2018

فيس بڪ سگريٽ نوشي کان بچاءُ ۾ موثر ثابت: نئين تحقيق

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سگريٽ نوشي مختلف خطرناڪ بيمارين جي پاڙ ۽ سر وڃائيندڙ به ثابت ٿيندي آهي، ان حوالي سان اڪثر ۽ گهڻو ڪر مختلف ريسرچ ۽ ٻين طريقن سان آگاهي بيدار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وين آهن ۽ هاڻ هڪ نئين جاچ مان ثابت ٿيو آهي فيس بڪ ان خراب عادت کي ترڪ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي.  ڪيليفورنيا جي سان فرانسسڪو يونيورسٽي جي هڪ جاچ جي موجب سگريٽ نوشي ڪندر ماڻهو ڊاڪٽرن جي ٻڌايل سڌي هدايت، ٽيليفون تي ڪيل تاڪيد يا سگريٽ نوشي ترڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن مهم يا آن لائن پروگرامن جي نسبت فيس بڪ پوسٽس تي ڏنل هدايت تي 2  سيڪڙو وڌيڪ عمل ڪندا آهن. جاچ موجب نوجوانن کي سگريٽ نوشي کي ترڪ ڪرڻ جي لاءِ فيس بڪ جون پوسٽون متاثر ڪري رهيون آهن ۽ انهن کي فيس بڪ پوسٽ جي ذريعي آگاهه ڏني پئي وڃ. ڪيليفورنيا سان فرانسسڪو يونيورسٽي جي ايسوسي ايٽ پروفيسر ڊينيئل ريمو جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ فيس بڪ هڪ اهڙو بااثر اوزر آهي جيڪو معاشري ۾ سگريٽ نوشي جهڙي خراب عادت کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ايستائين جو هي انهن ماڻهن لاءِ به موثر ثابت ٿي رهيو آهي جنهن جي لاءِ سگريٽ ڇڏڻ ناممڪن آهي. هڪ طبي جرنل ۾ شايع ٿيل جاچ موجب 21 سالن جي عمر  جا تقريبن 500 ماڻهن مان  87 سيڪڙو روزاني سگريٽ نوشي جا عادي آهن، انهن ماڻهن جي لاءِ فيس بڪ تي 90 ڏينهن جي ” ٽوبيڪو اسٽيٽس پروجيڪٽ“ جو آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ کين پرائيويٽ گروپ ڏنا ويا. انهن گروپن تي سگريٽ نوشي جي خطرناڪ اثرن بابت پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ انهن مان ظاهر ٿيندڙ خطرناڪ بيماري جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته اِهو به ٻڌايو ويو ته ان عادت کي هُو ڪيئن ترڪ ڪري ٿا سگهن. ماهرن موجب 3 مهينن ۾ ان جا بهترين نتيجا سامهون آيا،. يعنيٰ سگريٽ نوشي جي تدارڪ جي لاءِ جيڪڏهن ڪا حڪمت عملي 3.2 سيڪڙو ڪم ڪري ٿي ته فيس بڪ ذريعي پوسٽ 8.3 سيڪڙو ڪارآمد ثابت ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے