21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پي آءِ اي جو مالي بحران وڌي ويو، ملازمن جي پگهار بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي آءِ اي جو مالي بحران سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي. پي آءِ اي جو خزانو خالي هئڻ سبب فيول ڪمپنين کي ادائيگيون نه ٿي سگهيون آهن. ذريعن موجب جيڪڏهن ادائيگيون جلد نه ٿيون ته جهازن کي فيول ملڻ بند ٿي ويندو جنهن سبب فلائٽ آپريشنز متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. ذريعن موجب وفاقي سرڪار پي آءِ اي کي وڌيڪ فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب فيول ڪمپنين کي ادائيگيون رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. ذريعن موجب قومي ايئر لائن کي جهازن جي ليز جا هڪ ارب رپيه ادا ڪرڻا آهن جڏهن ته فيول ڪمپنين ۽ اوور فلائنگ جي مد ۾ 4 لک ڊالر روزاني ادائيگي ادا ڪرڻي پوندي آهي.  قومي ايئر لائن کي 13 هزار ملازمن جي پگهارن لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جي به ضرورت آهي جڏهن ته فنڊ نه هئڻ سبب ملازمن جون پگهارون به رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن. ذريعن موجب قومي ايئر لائن بونس جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي ملازمن لاءِ ٽن مهينن جي بونس جو اعلان به پي آءِ اي تي اضافي بار بڻجي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے