20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪشميرين جا لاش عالمي برادريءَ جو ضمير جاڳائي رهيا آهن: مشعال ملڪ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشميرين جا روزاني لاش عالمي برادريءَ جو ضمير لتاڙي رهيا آهن،  عالمي برادريءَ کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي خاموشي ٽوڙڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي عروج تي آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 5 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي فوج ڪپواڙه ۾ پنجن ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي. هن چيو ته سرچ آپريشن جي نالي تي ڪشميرين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، ڪشميرين جا روزاني لاش عالمي برادريءَ جو ضمير لتاڙي رهيا آهن، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم تي خاموشي ٽوڙي. هن چيو ته ڀارتي ظلم ڪشميرين کي آزادي جي مطالبي تان پوئتي نه ٿا هٽائي سگهن،  ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ تي ڀارت منهنجي جان جو دشمن بڻجي ويو آهي. مشعال ملڪ چيو ته ناري جي دوري دوران جهاز سميت ڪيترن ئي هنڌن تي مون کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے