19 اربع , سيپٽمبر 2018

ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو رستو رڳو جمهوريت ئي آهي: حمزا شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز شريف چيو ته  ڪي پي ۾ احتساب جو ادارو اڃا تائين قائم نه ٿيو آهي، عمران خان جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته 100 ڏينهن جو پروگرام ڏيندڙ ٻڌائين ته بلين ٽري ڪٿي آهي، عمرن خان ڪي پي جي عوام کان معافي وٺي. سندس چوڻ هو ته  نئين پاڪستان جي ڳالهيون ڪن ٿا، اسپتالن جي خراب حالت آهي، پشاور ۾ ڌوڙ اٿي رهي آهي. حمزا شهباز شريف چيو ته حڪومت ختم ٿيڻ ۾ باقي چار ڏينهن آهن، ووٽ سان ئي ملڪ اڳتي وڌندو. هن چيو ته عمران خان ٻڌائي ته ڪي پي ۾ نئون پاڪستان ڪٿي آهي، ماڻهن توهان کان پڇا ڪندا ته ڪي پي ۾ ڇا ڪيو ويو؟ سندس چوڻ هو ته پنجاب جي سمورين اسپتالن ۾ سٺو ڪم ٿيو آهي، اسان عوام تي ٿورو نه ڪيو آهي، اها حڪمرانن جي ذميواري هوندي آهي. حمزا شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ نئين حڪومت به پنهنجو مدو پورو ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے