25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

وڏي وزير جي بيان خلاف ايم ڪيو ايم اڄ احتجاج ڪندي

MQM chief asked for Karachi to make a provinceڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان خلاف اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه کي معافي وٺڻ لاءِ ڏنل الٽيميٽم ختم ٿي ويو آهي. فاروق ستار وڏي وزير جي بيان خلاف لياقت آباد ۾ مظاهري جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوام وڏي وزير جي تعصباڻي بيان خلاف ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن، وڏي وزير جي تعصب واري بيان جو جواب ٻڌيءَ جي مظاهري سان ڏنو ويندو. هن چيو ته عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو خاتمو ٿيڻ گهرجي،  پاڪستان جي بانين جي اولاد تي وجهندڙن جي سوچ تي لعنت آهي. سندس چوڻ هو ته تعصب ۽ نفرت جي سوچ جو جواب مهاجرن جي ٻڌيءَ جو اظهار آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اردو ڳالهائيندڙن جي وڏڙن ملڪ قائم ڪيو، صوبي جو چئلينج نه ڏنو وڃي، نئين صوبي جي سوچ ماڻهن ۾ روزاني وڌي رهي آهي، احتجاج ۾ اهم علان ڪرڻ سان گڏ حڪمت عملي به ڏيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے